@ulmanis.tv: Credit to @Emjay #latviešutiktok #latvian #latvia🇱🇻

Ulmanis TV
Ulmanis TV
Open In TikTok:
Region: LV
Saturday 05 July 2025 16:08:44 GMT
15847
964
8
357

Music

Download

Comments

kantolvcpm
⎝⎝✧kanto✧⎠⎠ :
iskauaijas ka viņš teica peža
2025-07-07 10:46:23
4
emjay_lv
Emjay :
Daugavpils spy
2025-07-06 08:22:12
38
hograidersraitis
Kriptoziemelis :
Ej nah
2025-07-06 09:03:00
13
vimba251
Vimba :
Kas par nejēgu.. Vēl izmanto karti, kur Latvija ir okupēta
2025-07-06 07:48:49
6
vilis605
Vilis :
Beidzot pardzeries!
2025-07-06 07:38:06
4
patmilis
patmilis :
Kādam vajadzētu izpētīt “the downfall of Jānis bērziņš”
2025-07-06 08:52:42
2
davisen32
davisen32 :
to every racist in the comments: keys
2025-07-08 04:16:07
0
To see more videos from user @ulmanis.tv, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos

Part 305 | مونکي خبر ئي نه پئي، ڪڏهن ننڊ اچي ويئي... ڄڻ ڪنهن نرم دعا جو اثر ٿيو هجي. اوچتو، هڪ احساس، هڪ نرم ڇهاءُ منهنجي نرڙ تي محسوس ٿيو... اکيون کلي ويون. ڏٺم ته نيشا خاموشي سان منهنجي ويجهو ويٺي هئي، ۽ پيار سان منهنجي مٿي کي زور ڏئي رهي هئي. مون ٿورو شرميلي مرڪ سان پڇيو:
Part 305 | مونکي خبر ئي نه پئي، ڪڏهن ننڊ اچي ويئي... ڄڻ ڪنهن نرم دعا جو اثر ٿيو هجي. اوچتو، هڪ احساس، هڪ نرم ڇهاءُ منهنجي نرڙ تي محسوس ٿيو... اکيون کلي ويون. ڏٺم ته نيشا خاموشي سان منهنجي ويجهو ويٺي هئي، ۽ پيار سان منهنجي مٿي کي زور ڏئي رهي هئي. مون ٿورو شرميلي مرڪ سان پڇيو: "نيشا... تون ستين ڪون ڇا؟" نرميءَ سان وراڻيائين: "جي نه..." "ڇو راڻي؟" هوءَ ٿوري دير لاءِ ماٺ رهي، پوءِ ڀرجي آيل لهجي ۾ چيائين: "جاويد... مونکي ننڊ نٿي اچي..." "پر ڇو راڻي؟" نيشا جي اکين ۾ هڪ چمڪ، هڪ نرمي، ۽ هڪ نئون رنگ اُڀريو، ۽ نرم آواز ۾ چيائين: "ڇو ته اڄ... اڄ مان خوش آھيان. ايتري خوش، ڄڻ ڪنهن مونکي نئين زندگي ڏئي ڇڏي هجي." مون ساهه کڻي ساڻس پڇيو: "سچي راڻي؟" هوءَ بي اختيار ڀاڪر ۾ اچي ويئي، ۽ دل جي گهرائين مان چيائين: "سچي جاويد..." ۽ ان لمحي ۾، وقت رڪجي ويو. ٻه دليون، جيڪي زخمن سان ڀرجي ويون هيون، هاڻ انهن جي وچ ۾ اميدن جا گل کلڻ لڳا هئا. ڏينهن جي اڪيلائي ماٺار ۾، نيشا جو وجود آهستي آهستي منهنجي قريب ٿيندو پئي ويو. هوءَ بس ساڻس نه، پر ڄڻ سڀني ڀوڳيل دردن، وسامي ويل راتن، ۽ اجهايل خاموشين سان مون ڏانهن وڌي رهي هئي. ائين لڳو ڄڻ من اندر ڪجهه جاڳي رھيو هو .. دل ۾ هڪ آوازن چوڪ ڏني، "جاويد، تون جذباتي آهين، پر هوءَ زخمي آهي... سندس قربت کي آزمائش نه بڻائجان..." مون نرم لهجي ۾ چيو، "نيشا، تون وڃي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پئو نه؟" هوءَ ٻه پل مون ڏانهن چتائي ڏٺائين، پوءِ چيو، "نه، مان نه وينديس..." "پليز راڻي، وري ڪا ڳالهه غلط نه ٿي پئي، پوءِ وري نه چوين ته سڀ مرد هڪجهڙا آھن؟" وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين: "اهو ته آهيو، ان ۾ ڪهڙي لڪ جي ڳالهه آهي؟ ڏس، تنهنجي به قريب ٿيس، توکي به پيار ڏنم ته تو وارا خيال به مٽجڻ لڳا، نه؟" "اڙي نيشا، تون چري ته ناھين... ممڪن آهي ته جڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مرد جي تمام ويجهو ايندي ته قدرتي طور تي انساني جذبا جاڳن ٿا. پر ان ۾ مرد جو ڏوھ ناهي ھوندو..." هوءَ ٿڌو ساھ ڀري چيائين، "او، اڇا؟ ته پوءِ اسان ڇوڪرين جو ڏوھ آهي؟" "ڏوهه ته ناهي... پر جيڪڏهن ڪا ڇوڪري اڪيلائي ۾ ڪنهن مرد جي ويجهو اچي، محبت ڏي، ته ٿي سگهي مرد ڪنٽرول نه ڪري سگهي... ان ڪري ئي ته چوان ٿو، فاصلو رک." "۽ جي فاصلو نه رکان ته؟" "پوءِ ساڳيو ئي ٿيندو، جيڪو اڳ ٿيو..." هوءَ اوچتو ڳرو ٿئي وئي، هڪ پل لاءِ ڇرڪي وئي، پوءِ ڀر ۾ ويهي نرميءَ سان پر طنزيه انداز ۾ چيائين، "تو مون کي گهرايو ڇو؟ رڳو ڪتن کان زخمي ڪرائڻ لاءِ ڇا؟" مونکي کل اچي وئي. "نه نيشا، تون ته پاڻ تڪڙ ڪري وڃي ڪتن جي گلي ۾ پيئي آھين. ڏوھ ته ڪتن جو به ناهي..." نيشا جو چهرو اجهامي ويو. "ها، سڀني جو ڏوھ ناهي. ڏوھ ته رڳو اسان ڇوڪرين جو آهي، ڇو ته ڄميا آهيون، اوهان جهڙن کي ڄڻڻ لاءِ! اهو ئي ته اسان جو ڏوھ آهي..." "اڙي نيشا، ڇا پئي چوين؟ عورتون ته مرد مان ئي پيدا ٿيون آهن!" "پهرين مرد پيدا ٿيو، پوءِ توهان آيا آھيو... مگر ڏاڏا آدم کي جنت مان ڪڍرايو به، ته توهان ، عورتن!" "ها، ۽ انهيءَ جي سزا ته لوڙيون پيا اڃا تائين. مگر ڀلي لوڙيو، ته اوهان کي به خبر پوي ته جنت مان دربدر ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ھو!" اچانڪ نيشا اچي ڀاڪر پاتو، ۽ مرڪندي چيو، "يار جاويد، تون واقعي وڏو پيارو انسان آهين يار..." مون به مرڪ سان وراڻيو، "بلڪل آھيان، پر منهنجي ويجهو نه اچ... مان ته مورڳو جذباتي ڪنو آھيان..." هوءَ نرميءَ سان منهنجي گريبان ۾ هٿ وجهي، ناز سان لوڏيندي چيائين، "او ڪنا، تو جهڙي ڪني جي ئي ته ضرورت هئي، جيڪو الله پاڪ مون کي ڏنو..." "بس، هاڻ ڇڏ، وڃي آرام ڪر..." "نه، آرام نه ڪنديس..." هوءَ چپ چاپ مونکي پنهنجي هنج ۾ ليٽائي ڇڏيو، پنهنجن گهاٽن وارن سان منهن ڍڪي، تمام نرم لهجي ۾ چيائين: "جاويد، واعدو ڪر، تون مون کي ڇڏي نه ويندين؟" "جي راڻي، واعدو آهي... توکي ڇڏي نه ويندس." "جيئن مان چونديس، تيئن ڪندين نه؟" "ھممم... ڪوشش ڪندس ته ڪري سگهان..." "ڪوشش ڇو؟" نيشا ٿورو اڪيرجي وئي. "راڻي، ٿي سگهي تون ڪو اھڙو ڪم چئين، جيڪو مونکان نه ٿي سگھي..." هن ساھ کڻي چيو، "نه نه، اهڙو ڪجهه نه چونديس..." "ها، پوءِ ٻڌا ته ڇا پئي چئين؟" هوءَ سنجيده ٿي، آهستي چيو، "اهو ئي ته پڇڻ ٿي چاهيان... تون مون کي هتي ڇو آندو؟" مون ٿڌو ساھ ڀري چيو، "راڻي، توکي هتي آڻڻ جو منهنجو ڪو به غلط مقصد نه هيو. رڳو تنهنجي حقيقت ڄاڻڻ هئي... ته تون ڇو ٿي گلين ۾ ڀٽڪين؟ ڇو ٿي طوائفن جيان پنهنجي عزت جا هوڪا ٿي ڏين؟" نيشا ڪجهه لمحا خاموش رهي، پوءِ ڳوڙهن سان ڳاٽ ڀري، نرم آواز ۾ چيائين: "سوري جاويد، دل ۾ نه ڪريو ته هڪ ڳالهه چوان؟" "چئو راڻي." "مان رڳو پنهنجي عزت جي رقم جا هوڪا نه ٿي ڏنا، بلڪه هن سڄي بي ضمير سماج جي عزت جا هوڪا ٿي ڏنا، جيڪي گنگا هئا، انڌا هئا... نه ٻڌي سگهيا، نه ڏسي سگهيا... هلندڙ... #وڃايل_چاهت #وڃايل_وجود #محبوب #عشق #tiktokteam #novelas #fypシ゚viral #write #fyp #fypシ

About