@suneel_kumar20: Part 309 | پيار ۾ کيس ڀاڪر پائي چيم: "نيشا، چري ته ناهي ٿي... مان ڪهڙو توکي ڇڏي ٿو ڏيان؟ مان ته فقط توکي تنهنجي گهر ڇڏڻ جي ڳالهه پيو ڪيان. ويچاري ماھي به تنهنجي انتظار ۾ هوندي." نيشا ڀريل لفظن ۾ چيو: "جاويد، مونکي ڪنهن جي ياد ناهي ته ڪير منهنجي انتظار ۾ آهي... مونکي ته فقط تون ياد آهين، ڇو ته تون ڄڻ ته مونکي نئين زندگي ۾ وٺي آئين." "بلڪل نيشا، تون فڪر نه ڪر. مان هاڻ روز ايندس، تنهنجي گهر توسان ملڻ." "جاويد، واعدو ڪر ته تون ايندين؟" "جي راڻي، بلڪل ايندس..." جڏهن نيشا کي ڇڏي اچڻ جو ذڪر ڪيو، ته ڄڻ سندس دل مان سڀ خوشيون لڏي ويون. سندس چهري تي اوچتو ئي اوچتو ويراڻين جا پاڇا پکڙجي ويا. هڪ پل اڳي جيڪا نيشا کلندي، ٽهڪ ڏيندي سڄو ماحول روشن ڪري ڇڏيندي هئي، اها ئي هاڻ بلڪل خاموش، اداس، ۽ بيجان لڳي رھي ھئي. مونکي سندس اها حالت ڏسي دل اندر بيحد ڏک ٿيو. بار بار پيار ڏنم، سندس ڌيان ٽارڻ جي ڪوشش ڪيم، کيس سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پر ڄڻ سندس دل تي اڪيلائي جا اڻوساڻا زخم نوان ٿي کلي پيا هجن. سندس اکين ۾ لڪل ڳوڙها، زبان کان اڳ سندس درد بيان ڪري رهيا هئا. ڪاش! مان کيس ڪونه چوان ها ته ڇڏي اچان ٿو... پر ڇا ڪيان ھا، مجبوري هئي. آخر ڪيترا ڏينهن کيس پنهنجي گهر ۾ رکان ها؟ پر مونکي خبر هئي، اهو ٻڌي نيشا جو دل ڀڄي پوندي، ۽ ايئن ئي ٿيو. شام جي لڙندڙ سج سان گڏ نيشا جي چهري جي روشني به وسامي ويئي. جڏهن کيس سڏيم ته تيار ٿي، خاموشيءَ سان آئي، دل ڀريل هئي، پر ڪجھ نه چيائين. مونکي پڪ هئي ته سندس دل مان وڃڻ جو وس نٿو ٿئي، پر هوءَ مجبور هئي. جڏهن سندس در تي بيهي کيس دلاسو ڏنم ته چيم: "واعدو ڪر نيشا، ته وري ملنداسين." نيشا بغير لفظن جي، ڳوڙهن سان واعدو ڪري ورتو. گهر موٽي آيس، پر ڄڻ سڀ خالي خالي لڳو. ڪابه شئي دل کي وڻڻ نٿي ڏني. نيشا جي هٿن سان کارايل ماني، سندس مسڪراهٽ، سندس ڳالهين جو سادو پن سڀ ڪجھ ياد اچي، دل کي ويڳاڻو ڪندو رهيو. رات به بيچين هئي. اکين ۾ ننڊ نه، دل ۾ وسوسا، ذهن ۾ نيشا. ايتري ۾ اوچتو نئين نمبر تان ڪال آئي. اٿيس، ڪال کنيم ته ماھي هئي، آواز ۾ پريشاني: "نيشا روئي رهي آهي، ڪجهه به نٿي کائي اسان سان." مون چيو: "فون ڏي نيشا کي." پر نيشا فون نه ورتي. .. وري نيشا جي سندس نمبر تي ڪال ڪيم، وري به نه کنيو. نيٺ، ڪيترن چڪرن کان پوءِ، نيشا جو سڏڪندڙ، ڀڄندڙ آواز آيو: "هيلو..." مون پڇيو: "ڇا ٿيو نيشا؟" سندس آواز ۾ طوفان هئا ڄڻ ته: "ڪجهه نه... ڇا ٿيندو؟" "ته پوءِ تون روئين ڇو ٿي؟ ماھي چوي ٿي، کاڌو به نٿي کائين." نيشا جي اهڙي خاموشي، مونکي اندر تائين لوڏي ڇڏيو. نيشا چيو: "مان جيڪي کائڻ ٿي چاهيان، سو نٿا ڏين... ٻيو ڪجهه نه کائيندس." مون پيار سان چيو: "ڇو نٿا ڏين؟ منهنجي راڻي کي." ماھي کي فون ڏي ؟ ماھي کي فون ڏنائين. مون پڇيو: "ڇا ٿي گهري نيشا؟" ماھي وراڻيو: "زهر..." منهنجي ته ڄڻ سانس ئي بيهي رهي. اکيون اونده ٿي ويون. زبان ڄڻ بيھجي ويئي. "ڇا ماھي؟ هي ڇا پئي چوين؟" ماھي جي خاموشي ۾ نيشا جو درد هو. نيشا چئي رهي آھي: "نئي زندگي ڏنئي، پوء ڇڏي ويو... اھڙي زندگي کان ته مرڻ بهتر آھي... جيڪر هو ماري تي ٺيڪ نه، ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس..." ھلندڙ نوٽ : شھزادن کي لائيق ڪمينٽ شير اور فالو ڪرڻ جي ھدايت ڪندس #وڃايل_چاهت #وڃايل_وجود #محبوب #عشق #fyppp #fyppppppppppppppppppppppp #tiktokteamplzdontunderreviewmyvideo #tiktokteam #novelas #fypシ゚viral #write #fyp #fypシ #naturevibes #sindhversity #jamshoro #100k #1millionaudition #sindhisong #reader #rajab #rajabfaqeer

وڃايل وجود 👀
وڃايل وجود 👀
Open In TikTok:
Region: PK
Sunday 20 July 2025 07:16:21 GMT
2320
285
14
6

Music

Download

Comments

saadaliqambrani
Saad Ali :
subh jo mehrbani kajo aplaod kajo❤️
2025-07-20 16:43:50
1
jhanzebjalbani
janii :
ada Kist jaldi mokalenda karyo🙏🙏
2025-07-20 10:02:02
1
user8857523838495
user8857523838495 :
🥰🥰🥰
2025-07-25 13:06:29
1
gulamrasoljatt579
gulamrasoljatt579 :
🥀🥀🥀
2025-07-24 13:28:10
1
m.rind277
M✪Rind :
❤️❤️❤️
2025-07-21 15:33:28
1
asif.chandio866
Asif Chandio :
🥰🥰🥰
2025-07-21 01:38:07
1
kumar.j___s1
Kumar ✨,,J==S:::_:_❣️👀 :
✨✨✨
2025-07-20 20:10:48
1
aijazofficial7860
A҉ I҉ J҉ A҉ Z҉ S҉ A҉ K҉ I :
❤️❤️❤️
2025-07-20 10:48:59
1
mir.farooq.raza
Raza baloch :
❤❤❤
2025-07-20 09:32:23
1
user7038233994093
Ali Asgher1147 :
❤❤❤
2025-07-20 08:11:20
1
user9316612330150
وقت ڇا آ :
🥰🥰🥰
2025-07-26 12:09:43
0
aliamjadsahito1122
💜 SAHITO SAHAB❤️ :
Ada book pdf khuppy mehrbani theindy
2025-07-20 20:45:11
1
ralikhashkelibbawef786
اداس خاصخیلی قاصر K JAANi :
🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊💊🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹🥹💊💊💊💊💊💊💊💊🥹🥹🥹🥹🥹🥹
2025-07-22 05:25:16
0
To see more videos from user @suneel_kumar20, please go to the Tikwm homepage.

Other Videos


About